شادي شهيد فقير جو مقبرو

شادي شهيد فقير جو مقبرو

شادي شهيد فقير جو مقبرو

شادي شهيد فقير جو مقبرو: ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس وٽان هڪ رستو موڙ کائي ٽن مشهور درگاهن لونگ فقير، شادي شهيد ۽ درگاهه ڇٽڻ شاهه ڏانهن وڃي ٿو. درگاهه شادي شهيد خيرپور ميرس کان 20 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آهي. مقبري جي چوڌاري هڪ وسيع قبرستان آهي. مقبرو ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. هن مقبري تي روزانو سوين ماڻهو زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.مقبرو چورس رٿ جو سادي نموني اڏيل آهي. چوڌاري ننڍڙي ديوار جو احاطو ڏنل آهي. مقبري جي مهاڙي سادي آهي. لنگهه وارو در نوڪائين ونگ سان ٺهيل آهي. در جي مٿان به طاق ڏنل آهي. پيش طاق جي پاسن کان به 2 مستطيل نسبتاً هيٺاهان طاق ٺهيل آهن، جن ۾ به چوراسا ٺهيل آهن. هر پاسي چار چار چوراسا آهن. پيش طاق جي ڪنڊن تي نيلون آهن، وچ تي ڪنگرا ٺهيل آهن. پيش طاق جي ٻنهي پاسن جي مٿان به ساڳيو انگ ورجايل آهي. مقبري جي ڇت مٿان وڏو گنبذ آهي. گنبذ جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ۽ ان جي مٿان ڪلس ڏنل آهي. گنبذ اندران سينگاريل آهي. مقبري ۾ اندر 9 قبرون آهن، جن مان هڪڙي شادي شهيد جي آهي. فقير شادي شهيد جو مفصل احوال ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ٿيسز ۾ ڏنو آهي، جنهن مطابق سندس والد جو نالو محراب خان هو، جيڪو ذات جو رند هو. هڪ ٻئي محقق موجب درگاهه 1817ع ڌاري قائم ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو